رانجهاڻي کي رحيم شاهه ايمبولينس ۾ ٻيهر گولي هڻي قتل ڪيو، ڊرائيور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو حتمي چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڇرڪائيندڙ ۽ انسانيت سوز انڪشاف ڪيو ويو آهي. چالان ۾ تفتيشي افسر ايمبولينس ڊرائيور جي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته 8 فيبروري تي ڀينس ڪالوني وٽ يونين ڪائونسل جي چيئرمين ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻ عبدالرحيم شاه گوليون هڻي ارشاد رانجهاڻي کي زخمي ڪيو. ايمبولينس ڊرائيور چيو آهي ته هو جاءِ واردات تان رانجهاڻي کي زنده حالت ۾ کڻي ٿاڻي پهتو جتان 15 کان 20 منٽ بعد پوليس انسپيڪٽر علي گوهر سان گڏ هو جناح اسپتال لاءِ روانو ٿيو. ڊرائيور ٻڌايو ته ڪجهه دير بعد عبدالرحيم شاهه موٽر سائيڪل تي اڳيان اچي روڪيو ۽ اسان کي چيو ته اڳتي ڏسو. هن پوليس انسپيڪٽر سان ڳالهايو ۽ ان بعد پويون دروازو کولي زخمي ارشاد رانجهاڻي کي گولي هنئي ته هن دانهن ڪئي. جنهن بعد انسپيڪٽر چيو ته چپ چاپ اسپتال هلو. ڊرائيور چيو ته هو جڏهن اسپتال پهتا ته رانجهاڻي فوت ٿي چڪو هو. ڊرائيور چيو ته هو اڳ ۾ خوف سبب چپ هو. هن ڪيس جي پهرين تفتيشي افسر ساٿي پوليس اهلڪار کي بچائڻ لاءِ ڪيس کي غلط رخ ڏنو. واضح رهي ته پوليس ۽ رحيم شاهه چوندا رهيا آهن ته رانجهاڻي ڦر ڪئي ان ڪري کيس رحيم شاهه پاڻ بچائڻ لاءِ کيس گولي هنئين هئي. رانجهاڻي دادو ضلعي جو هو ۽ جيئي سنڌ جي ڊاڪٽر صفدر گروپ جو سرگرم ڪارڪن هو.

پهنجو تبصرو موڪليو