ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس، جوابدار جي ٻيهر ضمانت رد

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي ڦورو ڄاڻائي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار رحيم شاهه جي هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اهڙو حڪم  جمعي ڏينهن جوابدار رحيم شاهه پاران داخل ڪيل ضمانت واري درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏنو. عدالت جوابدار کي پنهنجي خلاف ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس کي منهن ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جوابدار پاران ضمانت لاءِ پيش ڪيل سبب قابل قبول ناهن. جوابدار خلاف ثبوت رڪارڊ تي موجود آهن. ضمانت واري درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته مقتول کي چار گوليون لڳيون جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق مقتول کي 5 گوليون لڳل آهن. جوابدار پاران ضمانت واري درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته هو 10 لک رپيا بئنڪ مان کڻي اچي رهيو هو ته مقتول ۽ سندس ساٿي ان کان ڦر ڪرڻ چاهن پيا پر ڄاڻايل رقم ڪيس پراپرٽي جو حصو ئي ناهي. ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته درخواستگذار رحيم شاهه جي وڪيل خواجه نويد احمد دليل ڏيندي چيو ته جوابدار رحيم شاهه بي گناهه آهي ۽ سندس خلاف قتل جو الزام بي بنياد آهي. درخواستگذار يو سي جو چيئرمين ۽ علائقي ۾ سندس سياسي اڳواڻ ۽ ڪاروباري شخصيت طور سڃاڻپ آهي. جنهن کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان پاڻ کي بچائڻ لاءِ فائرنگ ڪري جوابدار کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ ئي 15 تي ڪال ڪري پوليس کي گهرايو. سندس مٿان قتل جو ڪيس غلط آهي. جاچ ۾ به سندس خلاف ثبوت ناهي جڏهن ته مقتول ارشاد رانجهاڻي جي وڪيل اسد الله راشدي، محمد خان شيخ ۽ ٻين جوابدار رحيم شاهه جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدار سنگين ڏوهه ۾ ملوث آهي ۽ سندس خلاف سزا جوڳا ثبوت رڪارڊ تي موجود آهن. هنن چيو ته جوابدار بااثر شخص آهي جيڪڏهن سندس ضمانت منظور ڪئي وئي ته هو ڪيس جي شاهدن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. جوابدار خلاف اکين ڏٺا شاهد پڻ موجود آهن. ايڌي ايمبيولنس جي ڊرائيور جي بيان موجب ته جوابدار رحيم شاهه پوليس جي موجودگي ۾ جناح اسپتال ويندي رستي ۾ ايمبيولنس کي روڪي ارشاد رانجهاڻي کي گولي هنئي جيڪا سندس موت جو سبب بڻي جنهن ڪري رحيم شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي جنهن تي عدالت ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار رحيم شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي . ياد رهي ته ان کان اڳ ٻه ڀيرا  دهشتگردي ٽوڙ  عدالت ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار رحيم شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري چڪي آهي ۽ ٻه ڀيرا هاءِ ڪورٽ پڻ سندس ضمانت واري درخواست رد ڪئي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ رحيم شاهه جيل ۾ آهي جڏهن ته ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر علي گوهر  سميت ٽي جوابدار ڀاڳوڙا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو