ادا ڪيڏانهن؟ بلاول ۽ فواد چوڌري ڀاڪرين پئجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ هائوس جي راهداري ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ فواد چوڌري جي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ڀاڪر پاتا، بلاول ڀٽو فواد چوڌري کان سوال ڪيو ته ادا ڪيڏانهن پيو ڀڳو وڃين؟ جنهن تي فواد چوڌري جواب ڏنو ته توهان جي لاءِ رستو صاف ڪري رهيو آهيان، پوءِ ٻنهي کلندي هڪ ٻئي کان خيريت معلوم ڪئي. خيال رهي ته فواد چوڌري تحريڪ انصاف ۾ اچڻ کان اڳ پيپلز پارٽي جو حصو هو ۽ سندس چاچو الطاف حسين پي پي دور ۾ پنجاب جو گورني به رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو