ادارا غيرجانبدار آهن پر گهڻو وقت غير جانبدار نٿا رهي سگهن:شيخ رشيد

ادارا غيرجانبدار آهن پر گهڻو وقت غير جانبدار نٿا رهي سگهن:شيخ رشيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سياسي حادثا ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، ادارا غيرجانبدار آهن پر گهڻو وقت غير جانبدار نٿا رهي سگهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته صورتحال ڳڻتي جوڳي ۽ پريشان ڪندڙ آهي، نتيجو ڪجهه به نڪري سگهي ٿو، جيڪيو ماڻهو غلط فهمي ۾ آهن اهي انڌا خواب ڏسي رهيا آهن، هو اکيون کولن، هي جنگ ختم ٿيڻ واري ناهي، هن جو انجام ڪجهه به ٿي سگهي ٿو هن چيو ته عمران خان ذهني ۽ سياسي طور تي تيار آهي، ووٽنگ ٿيندي يا نه، ووٽنگ ٿيندي يا نه آچر يا سومر تائين مامرو هليو ويندو، هي فيصلو اسپيڪر ۽ قانوني ماهرن کي خبر آهي شيخ رشيد چيو ته آخر ۾ ٻُهاري ڦرندي نظر اچي رهيو آهي، ماڻهو پاڪستان جي ادارن بابت غلط ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سياسي ڇڪتاڻ جي سطح تمام گهڻي آهي، سياسي حادثا ٿيندي ڏسي رهيو آهيان هن وڌيڪ چيو ته آخر ڪار چونڊون ڪرڻيون پونديون، ڇو ته پاڪستان ۾ شفاف چونڊون ضروري آهن ۽ مخالف ڌر کي به شفاف چونڊن طرف اڳتي وڌڻ گهرجي شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته ان تي فرد جرم لڳڻو هو پر هڪ وزيراعظم ۽ ٻيو وزيراعليٰ بڻجڻ پيو وڃي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ فردم جرم جا اميدوار وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ بڻجن ته بحيثيت قوم اسان کي ڏسڻو پوندو هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته ادارا غير جانبدار هوندا آهن پر گهڻو وقت غير جانبدار نٿا رهي سگهن، اهو پاڪستان جي سالميت جو سوال آهي، ادارن کي ملڪ جي سالميت تمام گهڻي پياري آهي، هو نيوٽرل آهن ۽ رهڻ گهرجي پر پاڪستان جي اڳيان ڪا به شئي نيوٽرل ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو