احساس پروگرام سينٽر تي عورتن ۾ جهيڙو 2 بيهوش

اوٻاوڙو(ن سنڌيار)حڪومت کان غريب مستحق عورتن کي ملندڙ احساس ڪفالت جا پئسا بند هجڻ بعد ٻيهر عورتن کي ويريفڪيشن ڪرائڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي. ممتاز ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو ۾ عورتن جو وڏي تعداد ۾ رش ھجڻ بعد 2 عورتون بيهوش ٿي ويون جن کي فورن سول اسپتال پهچايو ويو. اتي موجود اسٽاف کي ڪنهن به قسم جي سڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي جڏهن ته عورتن جو زيادو رش ھجڻ ڪري هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي چڪر ۾ جهيڙو ٿي پيو، عورتن هڪ ٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن بعد هڪ ڪلاڪ لاءِ ڪمپيوٽر بند ڪيا ويا اطلاع تي هڪ ڪلاڪ بعد پوليس پهچي رش تي ضابطو آندو. اتي موجود ماڻھن جو چوڻ آھي ته هتي ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري عورتون بيحال بيوس بڻيل آھن انهن ڊي سي گهوٽڪي کان نوٽس وٺڻ جو مطالبوڪندي گهر ڪئي آھي ته سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ اسٽاف به زياده مقرر ڪيو وڃي ته جيئين مستحق عورتون جي پريشاني ختم ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو