احتساب رڳو سياستدانن نه پر سڀني شعبن جو ٿيڻ گهرجي، جلال شاهه

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) سائين جي ايم سيد جي فرزند ۽ سنڌ جي نالي واري سماج سڌارڪ سيد امداد محمد جي پندرهين ورسي سندس آخري آرامگاھ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ملهائي وئي ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ خطاب ڪندي چيو ته سائين امداد شاھ جيڪا اسان جي تربيت ڪئي ان جو اثر ايترو آھي جو اڄ تائين ان جو ثمر کائي رهيا آهيون ايمانداري ، شفافيت ، حق گوئي ۽ سياست کي عبادت سمجهي ڪري ڪرڻ وارو سندس درس جٽادار هو سائين سياست کانسواءِ هڪ بهترين مالوند ، ڪمال جو منصف ۽ زراعت جو ڄاڻو هو هن چيو ته اڄ جيڪي حڪمران حڪمراني ڪري رهيا آهن سي صرف پنهنجا نوازڻ ، ملڪي دولت لٽڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ ڄاڻن ٿا پر سندن ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن  هن چيو ته احتساب جو عمل بهترين روايت آهي پر ان کي اڃا وڌيڪ مظبوط هئڻ گهرجي چور ۽ ڪرپٽ نه رڳو سياستدان پر آفيسر سميت هر شعبي جي ماڻھوءَ جو احتساب هئڻ گهرجي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو ته سائين امداد محمد شاھ ملڪ جو منفرد سياستدان رهيو سائين جهڙو گهڻ رخو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو جيڪو هڪ تاريخ آهي هو جڏھن اسيمبلين ۾ رهيو ته خاموش نه رهيو عوامي حقن تي ڳالهائڻ کانسواءِ پنهنجي حلقي جا اهي سڀ ڪم ڪيا جيڪي قانون ۾ هئڻ گهرجن هن چيو ته پوري سنڌ کي سڪائڻ لاءِ شاخن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي هڪ پاسي دريائن ۾ ٻوڏ آهي ته ٻئي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري پڇڙيءَ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو چيو ته سائين امداد شاھ اهو ماڻھو هو جو جڏھن به سنڌ تي يا سنڌ جي ماڻھن کي ڏکيائون آيون يا ته نڪري نروار ٿيندو هو سينئر سياستدان مولا بخش ٻرڙو چيو ته امداد شاھ کي صرف سماج سڌارڪ چوڻ نا انصافي آهي سائين سماجي ڀلاين کانسواءِ سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري عبادت جيان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو