احتجاج ڪندڙ پاڻ ڌانڌلي کانسواءِ نه ٿاکٽي سگهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عمران خان پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ واري معاملي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان خط سان ڪو به فرق نه پوندو پر ان جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ باني پاڪستاني عوام آڏو وائکو ٿي ويندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته تحريڪ انصاف غلطي جي معذرت حقيقت ۾ اتحاد ڪائونسل کي به پنهنجي ڪارڪنن کي سچ ٻڌائڻ گهرجي ته وٽن حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل نمبر نه آهن.هن چيو ته جيڪي اسان وٽ لڙي آيا سندن ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻي اسان جي حڪومت ٺهي رهي آهي. بلاول ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2018ع وارين ۽ هاڻوڪي چونڊن ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي، اسان جا اعتراض ۽ شڪايتون آهن جنهن جي پيروي ڪنداسين. پ پ چيئرمين چونڊن نتيجن خلاف اڄڪلهه اهڙيون پارٽيون احتجاج ڪري رهيون آهن جيڪي پاڻ ڌانڌلي کانسواءِ نٿيون کٽي سگهن ۽ هاڻ هو پ پ تي تنقيد ڪري رهيون آهن. بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه پارٽيون انڪري احتجاج ڪري رهيون آهن ته وڌيڪ ڌانڌلي ٿئي ۽ کين به هڪ اڌ سيٽ ملي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو