اثاثن جي ڪيس ۾ شرجيل جي گرفتاري لاءِ نيب جي درخواست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي غيرقانوني ملڪيٽ ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ٻيهرگرفتار ڪري سينٽرل جيل مان نيب هيڊڪوارٽر منتقل ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. احتساب عدالت جي جج شهربانو ڪريم عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب 22 جون تي سماعت لاءِ مقرر ڪئي آهي. تفتيشي افسر درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته مجاز اختياري شرجيل جو گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو آهي، اوهان اين او سي ڏيو ته سينٽرل جيل مان کيس گرفتار ڪريون. شرجيل هن وقت 2013 کان 2015 تائين 5 ارب روپين جا اشتهار ميڊيا کي غيرقانوني طور ڏيڻ جي ڪيس ۾ جيل ۾  آهي. عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي سڀاڻي طلب ڪندي چيو آهي ته ٻنهي پاسن کان موقف ٻڌڻ بعد درخواست تي فيصلو ڏنو ويندو. نيب اختيارين درخواست ۾ چيو آهي ته شرجيل ميمڻ جي گذريل مهيني گرفتار ڪيل پرائيويٽ سيڪريٽري اظهار حسين جي ڏنل ڄاڻ موجب کائنس پڇا ڳاڇا ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪو هن جو فرنٽ مين هو، ڀتا اڳاڙڻ ۽ ڪراچي ۾ تجارتي ۽ رهائشي ملڪيتون خريدڻ جو به هن انڪشاف ڪيو آهي. نب موجب مني چينجر محمد سهيل به گرفتار آهي جنهن حوالا ۽ هنڊي ذريعي اربين روپيا دبئي منتقل ڪرڻ جو اقرار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو