ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار هريتڪ روشن انڪشاف ڪيو آهي ته هو فلم ”وار“ جي شوٽنگ دوران ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن ڪري کيس ائين محسوس ٿيو هو ته هو مري وڃڻ وارو آهي ۽ ٻئي ڏينهن نه جاڳندو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هريتڪ روشن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ پنهنجي جسماني صحت سان گڏوگڏ پنهنجي ذهني حالت بابت ڳالهائيندي چيو ته 2019 ۾ رليز ٿيندڙ فلم وار جي شوٽنگ دوران هو ٺيڪ محسوس نه ڪري رهيو هو. هن چيو ته هو شوٽنگ دوران مري ويندو.ميڊيا رپورٽن موجب هريتڪ روشن ٻڌايو ته ڪيئن هو شوٽنگ لاءِ پاڻ کي زور سان تيار ڪندو هو.ندس چوڻ آهي ته ان وقت مان فلم ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس جنهن لاءِ ان وقت تيار نه هيس.پهرين ته مون سوچيو ته مان پنهنجي عمر جي ڪري مري رهيو آهيان.هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن هو گهر ايندو هو ۽ سمهندو هو ته ائين لڳندو هو ته هو صبح جو جاڳي نه سگهندو. هن اعتراف ڪيو ته هو ان وقت ان فلم لاءِ تيار نه هو، اها فلم سندس لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هئي.ريٿڪ موجب هن فلم لاءِ پاڻ کي بدلائڻو هو پر ڪجهه کيس اندر کان کائي رهيو هو.واضح رهي ته ايڪشن فلم ”وار“ 2019ع ۾ رليز ٿي هئي ۽ اها هريتڪ روشن جي ڪيريئر جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم ثابت ٿي هئي، جنهن ۾ ٽائيگر شروف ۽ واني ڪپور به ڪم ڪيو هو.هريتڪ روشن هاڻي فلم ”فائٽر“ ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ انيل ڪپور سان گڏ نظر ايندو، جيڪا جنوري 2024 ۾ رليز ٿيندي.
