آمريڪا ۽ چين ۾ واپار تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي جنگ

بيجنگ( ڊيسڪ رپورٽ) دنيا جي ٻن وڏين معيشتن آمريڪا ۽ چين هڪٻئي جي امپورٽس تي ٽيرف وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا پاران چين جي 250 ارب ڊالر جي امپورٽس تي 20 سيپٽمبر کان 25 سيڪڙو واڌو ٽيرف وصول ڪرڻ جي اعلان بعد چين به آمريڪي امپورٽس جي مختلف اسمن تي 5 کان 10 سيڪڙو ٽيرف وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. چين جوتا، هيڊ فون، بليو ٽوٿ ۽ ٻيون اهڙيون شيون جن جي ماليت 125 ارب ڊالر آهي، آمريڪا کي وڪرو ڪندو آهي جن تي واڌو آمريڪي ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن جي بدلي ۾ آمريڪا مان ايندڙ خام ماتيل تي چين 5 سيڪڙو ليوي عائد ڪئي آهي. چين جي سرڪاري خابرو ايجنسي چيو آهي ته آمريڪا دنيا جو اڪيلو سپر پاور آهي ان کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي ۽ اسڪولي ٻارن وانگر ڌمڪين ۽ اپائن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو