اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ غلط خبرن جي ترديد ڪئي آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي جي جواب ۾، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان بي بنياد ۽ من گھڙت دعوائن کي سختي سان رد ڪريون ٿا، ۽ پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ڪيل بريفنگ کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو. طاهر اندرابي چيو ته اهڙن مسئلن جو حوالو ڏنو ويو جن تي نه ته بحث ڪيو ويو ۽ نه ئي نشاندهي ڪئي وئي، ۽ علائقائي حساسيت ۽ نازڪ وقتن ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته ميڊيا پليٽ فارمن کي مڪمل تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.










