آمريڪا پاران آءِ ايم ايف اسٽاف سطح تي معاهدي جي آجيان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي.ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي، قرضن جي بار کي سنڀالڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي عملدارن سان ملاقاتن لاءِ واشنگٽن ۾ آهي پاڪستان جي معاشي ڪاميابيءَ لاءِ اسان جي حمايت غير متزلزل آهي، معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اقتصادي سڌارن جي اوليت جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان سان واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنيڪل معاهدن ذريعي لاڳاپا جاري رکنداسين، جيڪي اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي ترجيحن ۾ شامل آهن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولين.

پهنجو تبصرو موڪليو