آمريڪا: مالي فراڊ ۾ ملوث 6 ڀارتي شهرين کي سزا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي انصاف واري کاتي چيو آهي ته هڪ هندستاني شهري کي آمريڪا ۽ ٻين هنڌن تي وڏي مالي فراڊ جي الزام ۾ 15 سالن کان وڌيڪ جيل جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته پنج ٻيا هندستاني شهري سزا جو انتظار ڪري رهيا آهن.رپورٽ موجب انهن ڀارتي شهرين هٿان مالي فراڊ جو شڪار ٿيندڙن ۾ پاڪستاني ۽ هندستاني نژاد آمريڪي شهري به شامل آهن. ان گروهه جا سرغنه ۽ ڪجهه ميمبر غير قانوني طور آمريڪا ۾ رهي رهيا هئا.26 سالن جي ايم ڊي آزاد هڪ فراڊ رينگ جو حصو بڻجڻ جو ڏوهه قبول ڪيو جيڪو هوسٽن سميت آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ هلندڙ ۽ 20-2019ع دوران سوين بزرگ شهرين کي فراڊ ڪيو، 10 آگسٽ تي يو ايس ضلعي جي جج ڪينيٿ هوٽ ايم ڊي آزاد کي 188 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي. ايم ڊي آزاد وانگر، 5 ٻيا هندستاني شهري آهن (26 سالن جو انوڌا ڪالڪوٽ، 26 سالن جو سميت ڪمار سنگهه، 26 سالن جو همانشو ڪمار ۽ 27 سالن جو ايم ڊي حسيب) جن پڻ ڏوهه قبول ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو