آمريڪا طاقت جو غلط استعمال نه ڪري، چيني وزير خارجه

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ايراني جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ تي ردعمل ڏيندي آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته هو طاقت جو غلط استعمال نه ڪري. خابرو ايجنسي اي ايف پي جي رپورٽ مطابق چين جي وزير خارجه وانگ يي بغداد ۾ جنرل قاسم سليماني جي قتل تي ايراني هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي صورتحال جو جائزو ورتو. وانگ يي آمريڪا تي زور ڏيندي چيو ته طاقت جو غلط استعمال نه ڪيو ۽ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ مذڪراتي رستو تلاش ڪيو. ايران جي وزير خارجه جواد ظريف سان جنرل سليماني جي قتل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا جو خطرناڪ ملٽري آپريشن بين الاقوامي تعلقاتن جي بنيادن جي خلاف ورزي آهي ۽ ان سان خطي ۾ ڪشيدگي وڌي سگهي ٿي. چين گذريل ڏينهن ايراني ڪمانڊر جي مارجڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ تي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪندي آمريڪا سميت سڀني کي تحمل جي مظاهري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. چين جي وزارت خارجه جي ترجمان گينگ شوانگ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان عراق جي آزادي ۽ علائقائي خودمختياري جو احترام سان گڏ خطي ۾ امن و استحڪام جو مطالبو ڪيون ٿا. چين کان علاوهه ٻين عالمي طاقتن طرفان به ايراني جنرل جي موت تي پنهنجي شهرين کي وچ اوڀر جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻنهي ملڪن کي صبر ڪرڻ تي زور ڀريو. برطانوي وزير خارجه ڊومينيڪ ريپ به تحمل جو مطالبو ڪندي چيو هو ته اهو جهيڙو ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. ان کان علاوهه روس، جرمن طرفان به آمريڪي فضائي حملي کي غلط قرار ڏيندي چيو ته  ڪارروائي ڪندڙن کي جوابي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن بغداد ايئرپورٽ ويجهو آمريڪي حملي ۾ جنرل قاسم سليماني،عراق جي پيرا ملٽري حشدالشعبي جا 5 ميمبر ۽ ايراني پاسداران انقلاب جا 4 اهلڪار به مارجي ويا هئا جنهن کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي. اقوام متحده ۾ ايران جي سفير ماجد تخت روانچي چيو هو ته آمريڪا جي اها ڪارروائي جنگي قدم آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو