آمريڪا خاموشي سان اسرائيل کي هٿيار موڪلي پيو، بلوم برگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميگزين بلومبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا خاموشي سان اسرائيل کي هٿيارن جي منتقلي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب بلومبرگ ٻڌايو آهي ته پينٽاگون کي ڏنل درخواست ۾ اپاچي گن شپ فليٽ لاءِ وڌيڪ ليزر گائيڊڊ ميزائل شامل آهن.رپورٽ موجب درخواست ۾ 155 ايم ايم جا گولا، نائيٽ ويزن ڊيوائسز، بنڪربسٽر گولا بارود ۽ فوجي گاڏيون به شامل آهن.ان کان علاوه آمريڪي دفاع وارو کاتو انهن هٿيارن کي آمريڪا ۽ يورپ جي ذخيرن مان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.رپورٽ موجب آمريڪا هر سال اسرائيل کي 3.8 بلين ڊالر فوجي امداد ڏيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو