آمريڪا افغانستان جي 16 ڪروڙ ڊالر جي امداد ختم ڪري ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي حڪومت تي ڪرپشن جا الزام هڻندر آمريڪا سندن 16 ڪروڙ دالر جي سڌي امداد روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته اسين انهن جي خلاف آهيون جيڪي عهدن جو غلط استعمال ڪندي پرڏيهي امداد جي فائدن کان افغان عوام کي محروم رکن ٿا ۽ ملڪ جي خوشهال مستقبل ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. ياد رهي ته آمريڪا ۽ طالبان ۾ ٿيل ڊيل جي افغان صدر اشرف غني مخالفت ڪئي هئي ۽ عين وقت تي آمريڪا جو دورو رد ڪري ڇڏيو هو. آمريڪا افغانستان ۾ رٿيل عام چونڊن کان صرف 10 ڏينهن اڳ امداد روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو افغان حڪومت لاءِ هڪ وڏو جهٽڪو  آهي، ان فيصلي جا اليڪشن تي به ڪافي اثر پوندا. مائيڪ پومپيو چيو آهي ته حڪومت ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ کيس ان باري ۾ ٺوس اپاءَ وٺڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو