اسرائيل ۽ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي منظوري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي حڪومت اسرائيل لاءِ 26 ارب ڊالرن جي امدادي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.خابرو اداري موجب آمريڪي ايوان نمائندگان اسرائيل لاءِ هنگامي امداد وارو بل منظور ڪري ورتو، اسرائيل جي امداد جو بل هاڻي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ ويندو.اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي امداد ۾ 14 ارب ڊالرن جي فوجي امداد شامل آهي.ٻئي طرف آمريڪا يوڪرين لاءِ 60 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي امدادي پيڪيج جي به منظوري ڏئي ڇڏي.خابرو اداري موجب يوڪرين لاءِ 60 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي بل جي منظوري کانپوءِ اهو هاڻي سينيٽ ۾ ويندو.روس يوڪرين لاءِ آمريڪي امدادي بل جي منظوري تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.روس خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي منظوري يوڪرين کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيندي.ڪريملن جو چوڻ آهي ته آمريڪي قدم يوڪرين جي تڪرار ۾ وڌيڪ جاني نقصان جو سبب بڻجندو.ان کان علاوه آمريڪي ايوان نمائندگان ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو بل به منظور ڪري ورتو آهي، بل منظوري لاءِ سينيٽ ۾ ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو