ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار گلزار کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ آغا سراج دراني احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار گلزار پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست داخل ڪئي.جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ٽڊاپ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي دعوت ڏني آهي.وڪيل چيو ته عدالت کي گذارش آهي ته منهنجي موکل کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.احتساب عدالت جوابدار گلزار کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي جوابدار کي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي جوابدارن کي 8 ڊسمبر تائين وطن واپس آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
