آفيسر ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن، نيب تنگ نه ڪندي

حيدرآباد(ن س) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين چيو آهي ته آفيسر ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا، نيب توهان کي هراسان نه ڪندي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سول بيوروڪريسي کي خطاب ڪندي چيئرمين نيب نذير احمد چيو ته نيب جو مقصد سولائيءَ سان بدعنواني جو خاتمو آڻڻ آهي ۽ ڪنهن کي ڌمڪائڻ ناهي، سندن چوڻ آهي ته نيب توهان کي هراسان نه ڪندي، تنهن ڪري آفيسرن کي کليل نموني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي ترقي ۾ سندن اهم ڪردار آهي. هن چيو ته نيب ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، انڪوائري ۽ تصديق جي عمل دوران ڪنهن به آفيسر جو ميڊيا ٽرائل نه ڪيو ويندو، نيب ۾ ڪا به جعلي يا گمنام درخواست قبول نه ڪئي ويندي، درخواستگذار اچي حلف کڻي درخواستون جمع ڪرائين. چيئرمين نيب چيو ته کيس خبر آهي ته بيوروڪريٽس ڪيترو پريشر ڪم ڪري رهيا آهن، نيب ۾ ڪيسن جي ڪري تعميراتي منصوبا دير ٿي وڃن ٿا جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، منصوبا وقت تي مڪمل ٿيڻ گهرجن.چيئرمين نيب چيف سيڪريٽري سنڌ جي آفيس ۾ فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نيب آفيسر گڏجي سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن جا خدشا ۽ شڪايتون حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو