آغا شهباز جي درخواست نيب کان جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ سنڌ اسميبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جَي پٽ آغا شهباز ۽ ٻين کان جاچ خلاف درخواست تي نيب کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوابدارن جَي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟

پهنجو تبصرو موڪليو