آصف زرداري سياست جو ماسٽر مائينڊ آهي: فيصل واوڊا

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته آصف زرداري سياست جو ماسٽر مائينڊ آهي وزيراعظم بنائڻ جي جنگ ۾ آصف زرداري سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو. مسلم ليگ(ن) جو هي آخري اقتدار آهي.نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن 2024 جي عام چونڊن جي نتيجن بابت خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اها ڪا نئين شيءَ نه آهي. هن اليڪشن کي جوڊيشل سليڪشن چوان ٿو.فيصل واوڊا چيو ته آصف زرداري جي سياست تمام گهڻي مختلف آهي. هو انهي راند جو ماسٽر مائينڊ آهي. منهنجي خيال ۾ هو وزيراعظم جي عهدي کان علاوه سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو. (ن) ليگ جو هي آخري اقتدار آهي ان کان پوءِ اهي اقتدار ۾ نه ايندا.نئين وزيراعظم جي سوال تي هن چيو ته اهو عهدو مسلم ليگ(ن) جي ڪنهن نامزد ڪيل اڳواڻ کي ملندو. شايد شهباز شريف هجي، جيڪڏهن نوازشريف وزيراعظم بڻجو ته مريم نواز پنجاب جي وڏ وزارت جي اميدوار هوندي.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر وفاق ۾ ته حڪومت نٿو ٺاهي سگهي پر چنڊ تي ضرور حڪومت ٺاهي سگهي ٿو. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته سڀني کان پهريان اها خبر وٺڻي پوندي ته پاڪستان هتي ڪيئن پهتو؟ اهو ڪير آهي جنهن جي ڪري پاڪستان اڄ انهي حالت ۾ پهتو، اهو ڪير آهي جنهن آئين ۽ قانون جي ٺيڪيداري کڻي رکي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو