آسٽريليا 391 تي آل آئوٽ، پاڪستان 90 تي هڪ آئوٽ

آسٽريليا 391 تي آل آئوٽ، پاڪستان 90 تي هڪ آئوٽ

پاڪستان خلاف ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 391 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته پاڪستان ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 90 رنسون ٺاهي ورتيون. امام الحق 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا پهرين اننگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسن تان ٻيهر شروع ڪئي. ايلڪس ڪيري ۽ ڪيمرون گرين شاندار ۽ ذميواراڻي راند کيڏندي پاڪستاني بالرن کي پهرين سيشن ۾ ئي وڪيٽون وٺڻ کان محروم ڪري ڇڏيو. ٻنهي ٽيمن ڇهين وڪيٽ لاءِ 135 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري آسٽريليا جي پوزيشن مضبوط ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڌ سينچريون پڻ مڪمل ڪيون. پاڪستان ڇهين وڪيٽ ان وقت حاصل ڪئي جڏهن ايلڪس ڪيري 65 رنسون ٺاهي نعمان علي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ڪيمرون گرين به 79 رنسن جي اننگز کيڏي پر نسيم شاهه کيس بولڊ ڪيو، 13 رنسن ٺاهيندڙ مچل اسٽارڪ کي شاهين آفريدي آئوٽ ڪري پنهنجي ٽئين وڪيٽ ورتي. نسيم پنهنجي شاندار بالنگ کي جاري رکندي ناٿن ليون جي اننگز کي به ختم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مچل سويپسن به لڳاتار ٻه ڇڪا هڻڻ کانپوءِ شاهين کي وڪرٽ ڏني. آسٽريلوي ٽيم 391 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ شاهين 4-4 وڪيٽون ورتيون

پهنجو تبصرو موڪليو