آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان

برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ پهرين ٽيسٽ جي شڪست کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم برسبين ايڊليڊ پهچي وئي آهي جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان آهي. قومي ٽيم ميزبان آسٽريليا کان ٻي ٽيسٽ کيڏڻ لاءِ ايڊليڊ پهچي رهي آهي جتي 29 نومبر کان ٻئي ٽيسٽ جو آغاز ٿيندو جيڪا ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ هوندي. پهرين ميچ ۾ شڪست بعد پاڪستاني ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان آهي ٻئي ٽيسٽ ۾ حارث سهيل جي جڳهه تي امام الحق يا عابد علي کي به موقعو ڏئي سگهجي ٿو. فاسٽ بالر محمد عباس کي فائنل اليون ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ياسر شاهه، شاهين آفريدي ۽ عمران خان مان به ڪنهن هڪ کي ويهاري سگهجي ٿو. واضح رهي ته آسٽريليا ۾ موجود پاڪستاني ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ۾ ميزبان ٽيم اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پهرين اننگ ۾ جهڙي طرح بيٽسمين ناڪام ٿيا ته ٻئي طرف بالرن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو هو. ٻئي طرف قومي ٽيم جو ڪپتان اظهر علي پر اميد آهي ته ايڊليڊ ۾ رزلٽ مختلف هوندي هن چيو ته مون کي هاڻي يقين آهي ته رانديگرن ۾ بهترين صلاحيت موجود آهي ۽ هن دفعي بهترين راند جو مظاهرو ڪندا. هن چيو ته هڪ ميچ هارائڻ سان رانديگرن کي برو ڀلو چوڻ غلط عمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو