ڪينبرا (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي عام چونڊن ۾ کاٻي ڌر جي اڳواڻ ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني الباني ٻيو ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي جي اينٿوني البانيز ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ قدامت پسند لبرل نيشنل الائنس جي پيٽر ڊٽن کي شڪست ملي آهي، اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پوءِ ليبر پارٽي جي کاٻي ڌر جي اڳواڻ ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني البانيز ٻئي 3 سالن لاءِ وزيراعظم جي حيثيت سان ٻيو مدو پورو ڪندا، ٻئي طرف قدامت پسند لبرل نيشنل الائنس جي پيٽر ڊٽن پنهنجي شڪست قبول ڪئي ۽ وزيراعظم اينٿوني الباني کي فون ڪري چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.










