’آزاد ميمبر ڀلي حڪومت ٺاهين، اسين اپوزيشن ۾ ويهنداسين‘

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ’آزاد ميمبرن‘ کي اڪثريت آهي ته ڀلي حڪومت ٺاهين، اسين اپوزيشن ۾ ويهنداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 2018 ۾ اسانکي وڏي ڌانڌلي ڪري هارايو ويو هو پر اسين جلائو گهيرائو ڪو نه ڪيو هو. هن چيو ته ارڙهين ترميم بعد حڪومت ٺاهڻ لاءِ صدر دعوت ناهي ڏيندو، اها شق ختم ٿي وئي هئي. هاڻي جنهن وٽ اڪثريت آهي اها پارٽي هائوس ۾ اسپيڪر آڏو اڪثريت ثابت ڪندي. شهباز شريف چيو ته ايندڙ حڪومت لاءِ وڏا چيلينج معيشت جي بحالي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جا آهن. هن واضح ڪيو ته نئين حڪومت جي پهرين ترجيح آءِ ايم ايف کان نئون پروگرام وٺڻ هوندو ۽ بنا دير اهو ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) واحد اڪثريتي جماعت آهي، اسين حڪومت سازي لاءِ اتحادي پارٽين سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿيون آهن، اڄ مولانا فضل الرحمان ۽ خالد مگسي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ٻين سان به ڳالهيون ڪريون پيا. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا اڌ ٽرم پيپلز پارٽي کي ڏيندا ته هن چيو ته مونکي ڪو به ٽرم نه گهرجي پر پاڪستان جي خوشحالي گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو