آزاد اميدوارن کي پارٽي نه ٿو چئي سگهجي، اعظميٰ

لاهور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته آزاد اميدوارن کي پارٽي نه ٿو چئي سگهجي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته جڏهن 100 سيڪڙو نتيجا آيا ته هنن دھاندلي جو شور مچايو، جتي به هاري اتي نئون طريقيڪار شروع ڪيو ويو آهي، ان جي شروعات سلمان اڪرم راجا ڪئي.عظميٰ بخاري چيو ته هر اميدوار کي اليڪشن ٽربيونل اندر ثبوت ڏيڻا پوندا، جنهن کي اعتراض آهي اهو اليڪشن ٽربيونل ۾ وڃي ڳالهائي سگهي ٿو.هن چيو ته مسلم ليگ ن هڪ ذميوار پارٽي آهي، اسان ڪوڙ ۽ ڪرپشن تي يقين نٿا رکون، پنجاب ۾ مسلم ليگ ن ئي اڪثريتي پارٽي آهي، مسلم ليگ ن حمايت کانسواءِ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي.عظميٰ بخاري چيو ته ن ليگ قومي اسيمبلي ۾ به اڪثريتي پارٽي آهي، نواز شريف شهباز شريف کي انچارج لڳايو آهي ۽ هو پارٽين سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته هڪ شخص ۽ هڪ شرپسند کي پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ نه ڏنو ويندو، قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ ٻيهر فساد ڪرڻ جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو