آزادي مارچ کان اڳ حڪومت تاجرن جا مطالبا مڃي ورتا

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي حڪومت ۽ تاجرن جي نمائندن ۾ 11 نڪاتي معاهدو aطئي ٿي ويو جنهن بعد تاجرن ٻن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ۽ شٽر بند هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ناڻي بابت مشير حفيظ شيخ، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ۽ جهانگير ترين سان تاجرن جي نمائندن خواجا محمد شفيق جي اڳواڻي ۾ ڳالهيون ڪيون. جنهن بعد نيوز ڪانفرنس ۾ تفصيل ٻڌائيندي حفيظ شيخ 11 نڪاتي معاهدي جو اعلان ڪيو ۽ بعد ۾ ٽوئٽر تي معاهدي جي ڪاپي به شيئر ڪئي.

هن ٻڌايو ته 50 هزار تائين خريداري ڪندڙن 31 جنوري تائين شناختي ڪارڊ نه پڇيو ويندو، 10 ڪروڙ تائين سالياني ٽرن اوور تي ٽيڪس جي شرح 1.5 سيڪڙو مان گهٽائي 0.5 سيڪڙو ڪئي ويندي ۽ ان سطح جا تاجر ود هولڊنگ ايجنٽ به نه بڻبا، سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽريشن لاءِ سالياني بجلي جي بل جي حد 6 لک مان وڌائي 12 لک ڪئي ويندي، جيولر ايسوسيئيشن سان جلد معالا طئي ڪيا ويندا، آڙهتين جي لائسنس جي رينيو ڪرائڻ جي فيس تان ود هوپلڊنگ ٽيڪس ختم ڪئي ويند، تاجرن جي مسئلن جي حل لاءِ گريڊ 20 يا 21 جو آفيسر ايف بي آر ۾  نامزد ڪبو جيڪو تاجرن جا مسئلا حل ڪنود ۽ هر مهيني تاجرن سان ملاقات ڪندو، تاجر سيلز ٽيڪس جي نئين رجسٽريشن ۾ تعاون ڪندا، هڪ هزار چورس فٽ وارو دوڪاندار سيلز ٽيڪس رجسٽريشن کان آجو، حتمي فيصلو تاجرن جي مشاورت سان ٿيندو، هول سيل يا ريزڪي وارا سيلز ٽيڪس رجسٽريشن کان آجا هوندا ۽ حتمي فيصل تاجر ڪميٽي سان مشاورت بعد ٿيندو. ان موقعي تي حفيظ شيخ چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته صاحب هيثيت ماڻهو ٽيڪس ادا ڪن. تاجرن جي نمائندي شفيق خواجا چيو ته گذريل ڪيترن مهينن کان تاجر پريشان هئا ۽ اڄوڪو معاهدو ڪنهن حد تائين رليف ڏيندو. حڪومت تاجرن سان جلد بازي ۾ معاهدو ان وقت ڪيو آهي جڏهن مولانا جو آزادي مارچ سڀاڻي اسلام آباد ۾ داخل ٿي رهيو آهي. تاجرن اڳ م مارچ جي حمايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو