آزادي مارچ ملتوي ڪرڻ بابت خميس تي فيصلو ڪبو،مولانا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري آزادي مارچ هڪ مهينو پوئتي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن تي مولانا کين چيو ته هو خميس تي پارٽي اجلاس ۾ مشاورت بعد ان بابت جواب ڏيندا. احسن اقبال، اياز صادق، عبدالقادر بلوچ، شاهه محمد شاهه ۽ امير مقام تي مشتمل وفد مولانا فضل الرحمان سان سندس گهر تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ احسن اقبال ۽ مولانا گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ جيترو جلد ٿي سگهي کين گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ملڪ جي وڏن ڪاروباري شخصيتن آرمي چيف سان ملي چيو ته ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت جون سموريون ناڪاميون عسڪري قيادت تي وڌيون وينديون ته ڇا ٿيندو؟. هن چيو ته موجوده حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسانجي آزادي مارچ کي ناڪام بنائڻ لاءِ مذهبي ڪارڊ کيڏيو پيو وڃي. هن چيو ته اڳ ۾ حجاب لازم قرار ڏنو ويو وري حڪم واپس ٿيو، هڪ پاسي ناموس رسالت جي حرمت جي ڳالهه ڪن ٿا ٻئي پاسي ان جي مجرمه کي آزاد ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته اسين اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا سندن درخواست تي خميس تي پارٽي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو