آزادي مارچ؛ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (اياز مهر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ هلندڙ آزادي مارچ جي حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ هن مهل تائين ڊيڊ لاڪ برقرار آهي ۽ ڪي به حتمي ڳالهيون نه ٿي سگهيون آهن. آزادي مارچ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي سان ملاقات دوران چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو شرط صرف ئي منهنجي استعيفيٰ آهي ته پوءِ مذاڪرات ڪرڻ مان ڪو به فائدو ناهي. ذريعن مطابق عمران خان جو چوڻ هو ته بار بار استعيفيٰ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ان مان بهتر آهي ته ڳالهيون ئي نه ڪرڻ گهرجن. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي ذريعي وزيراعظم عمران خان ۽ مذاڪراتي ڪميٽي کي واضح پيغام ڏنو آهي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ يا 3 مهينن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. ذريعن مطابق پهرين آپشن مطابق جي يو آءِ ف تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن 12 ربيع الاول تائين جواب جو انتظار ڪيو ويندو جنهن کي پوءِ اڳئين حڪمت عملي تي عمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي شور شرابي واري اجلاس ۾ حڪومتي اراڪين خاص طور وزير براءِ ڪشمير امور ۽ گلگت بلتسان علي امين گنڊاپور طرفان مولانا فضل الرحمٰن کي ان جي حلقي تان اليڪشن وڙهڻ لاءِ چئلنج ڪيو ويو جنهن تي مولانا فضل الرحمٰن جي پٽ اسد محمود ان جو چئلنج قبول ڪندي اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو