آرمي چيف کي آمريڪي سينٽڪام جي ڪمانڊر جنرل ڪوريلا جو فون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير کي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل ڪوريلا ٽيليفون ڪيو.سينٽر ڪام موجب ڪمانڊر جنرل ڪوريلا پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ پشاور پوليس لائنز ۾ دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.سينٽ ڪام موجب جنرل عاصم منير ۽ جنرل ڪوريلا وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو