راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران هليو ويو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو سربراهه جنرل عاصم منير ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ويو آهي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دوري دوران آرمي چيف ايران جي فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقاتون ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقاتن ۾ ٻه طرفن معاملن، دفاعي ۽ علامتي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
