راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف عاصم منير متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي ۽ سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي وفات تي تعزيت ڪئي.متحده عرب امارات جي اسلام آباد ۾ قائم سفارتخاني جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان ٽوئٽ ڪئي وئي آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير متحده عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي آهي.ملاقات دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير يو اي اي صدر جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا پڻ گهري وئي.
