آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ، حڪومت پاران نئون مسودو تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت ڪاروائي بعد وزيراعظم عدالتي ڪاروائي جي روشني ۾ نئون مسودو تيار ڪري ڪابينا کان منظوري وٺي صدر کي ٻيهر سمري موڪلڻ جو فيصلو ٿيو هو. عدالتي ڪاروائي بعد صورتحال تي غور لاءِ وزيراعظم عمران خان خصوصي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ سينئر ڪابينا جي ميمبرن، اٽارني جنرل، فروغ نسيم، بابر اعواڻ، قانون واري سيڪريٽري ۽ ڪجهه اهم قانوندانن کي مشاورت لاءِ گهرايو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جي ايڇ ڪيو جي جيگ برانچ جا سينئر آفيسر به شريڪ ٿيا. جنهن ۾ قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏئي سڀني وزيرن کان ان بابت راءِ وٺي پوءِ صدر کي سمري موڪلي ويندي ۽ نئين سر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو جيڪو خميس تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو