آرمي چيف جي داتا درٻار تي حاضري، چادر چاڙهي

لاهور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لاهور ۾ داتا درٻار تي حاضري ڀرڻ وقت گل رکيا ۽ چادر چاڙهي. هن ملڪ جي بهتري لاءِ دعا گهري ۽ شڪرانو ادا ڪيو. ياد رهي ته سندس ملازمت جي مدت ۾ حڪومت ٽن سالن جي واڌ ڪئي، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ٿيو ته عدالت چيو ته آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ جو ڪو به قانون ناهي. عدالت جي حڪم تي حڪومت 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪرڻ جو بيان حلفي جمع ڪرايو جنهن بعد عدالت 6 مهينن جي مدت ۾ کيس واڌ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو