اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڊجيٽل مردم شماري 2023 جي نتيجن جي منظوري لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 5 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت طرفان موڪليل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ڊجيٽل مردم شماري جي نتيجن جي منظوري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.شماريات کاتي مردم شماري جو عمل مڪمل ڪري ان جا نتيجا مرتب ڪري ورتا آهن جيڪي هاڻي هن آئيني فورم تي منظوري لاءِ سي سي آءِ ڏانهن موڪليا ويا آهن، ان ۾ 3 کان 4 مهينن کان به گهٽ دير ٿي سگهي ٿي.
