اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر اقبال آفريدي انڪشاف ڪيو آهي ته باني چيئرمين پي ٽي آئي عمران خان آخري ملاقات ۾ مون کي ٻڌايو هو ته پارٽي منهنجي ڳالهه نٿي مڃي. پي ٽي آئي اڳواڻ فيصل جاويد پاران سوشل ميڊيا تي پارٽي اڳواڻ اقبال آفريدي جو هڪ وڊيو بيان شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اقبال آفريدي چئي رهيو آهي ته “اڊيالا جيل ۾ ٿيندڙ آخري ملاقات ۾ عمران خان مون کي چيو هو ته ‘اقبال، پارٽي منهنجي ڳالهه نٿي مڃي، اها ڳالهه مان قرآن تي هٿ رکي چوان ٿو’.” اقبال آفريدي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته “مون ملاقات دوران عمران خان کي چيو ته ‘خان صاحب، ايم ڪيو ايم جو نعرو هو ته جيڪو قائد جو غدار آهي اهو موت جو حقدار آهي، اڄ مان اهو نعرو هڻي رهيو آهيان ته جيڪو عمران جو غدار آهي اهو موت جو حقدار آهي’.” پي ٽي آئي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ان کان پوءِ منهنجي عمران خان سان ٻي ملاقات ناهي ٿي، جيڪڏهن منهنجي عمران خان سان ٻي ملاقات ٿئي ها ۽ هن مون کي ڪنهن جو نالو ٻڌايو ها ته اهو اڄ هن دنيا ۾ نه هجي ها. هن وڌيڪ چيو ته مان هر ڀيري ملاقات لاءِ درخواست ڏيندو آهيان ۽ جنهن ڏينهن منهنجي ملاقات ٿي وئي ۽ عمران خان مون کي ٻڌائي ڇڏيو ته فلاڻو فلاڻو منهنجي هدايتن تي عمل نه پيو ڪري، ته الله جي ذات جو قسم مان ان کي نه ڇڏيندس، مان ان کي اڏائي ڇڏيندس، اهو منهنجو واعدو آهي.










