واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايپل جا نوان آئي فونز سيپٽمبر ۾ ڪنهن وقت متعارف ڪرايا ويندا.سالن کان پوءِ آئي فون 15 سيريز ايپل کان وڏي تبديلي حاصل ڪري رهيو آهي.تبديلي يو ايس بي چارجنگ پورٽ جي صورت ۾ نظر ايندي جيڪا 11 سال پراڻي لائيٽنگ پورٽ کي تبديل ڪندي.پر ايپل نه رڳو چارجنگ پورٽ تبديل ڪري رهيو آهي پر چارجنگ اسپيڊ کي به بهتر بڻائي رهيو آهي.گهٽ ۾ گهٽ آئي فون 15 پرو ماڊل گذريل سال جي ماڊلز جي ڀيٽ ۾ تيز چارج ڪرڻ جي قابل هوندا.نئين ليڪ موجب آئي فون 15 سيريز جي ماڊلز کي 35 واٽ جي چارجر سان چارج ڪرڻ ممڪن ٿيندو.
