آئين ٽوڙيندڙ شخص جي تعريف تاريخ جي ستم ظريفي آهي؛ رباني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پروز مشرف جي خلاف خصوصي عدالت جي فيصلي تي پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني رد عمل ڏيندي چيو آهي ته آئين جي خلاف ورزي ڪندڙ کي ساراهڻ جي ڪوشش تاريخ جي ستم ظريفي آهي. خصوصي عدالت 17 ڊسمبر کي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ان کي موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن جو تفصيلي فيصلو 19 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويو. 3 رڪني پينل جي تفصيلي فيصلي ۾ جج وقار احمد سيٺ پيرا گراف نمبر 66 ۾ لکيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارا مجرم کي گرفتار ڪري موت جي سزا ڏيڻ واري حڪم تي عمل ڪن، جيڪڏهن پرويز مشرف فوت ٿي وڃي ته ان جي لاش کي اسلام آباد آڻي 3 ڏينهن تائين ڊي چوڪ تي لٽڪايو وڃي. ان حوالي سان سينيٽر رضا رباني چيو ته آئين جي خلاف ورزي ڪندڙ کي ساراهڻ جي ڪوشش تاريخ جي ستم ظريفي آهي. هن چيو ته پيرا 66 ۾ متاثر ماڻهو لاءِ قانوني رستو موجود آهي متاثر شخص ان پيرا کي فيصلي مان حذف ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو. رضا رباني چيو ته عدالتي فيصلي تي آرٽيڪل 209 تحت درخواست داخل نه ٿي ڪرائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو