’آئين ناهي، چونڊ نه ٿيندي، سڀني کي حڪومت ۾ شامل ڪبو‘

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته افغانستان ۾ اڃان اقتدار جي خلا موجود آهي ، ان ڪري ملڪ کي پهريان هڪ جامع حڪومت جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ شاهين چيو ته چين افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت کي فروغ ڏيڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. طالبان ترجمان افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ چين جي تعاون جي به آجيان ڪئي. سهيل شاهين چيو ته افغانستان ۾ افغانن تي مشتمل نئين جامع حڪومت لاءِ ڳالهيون جاري آهن، نئين جامع حڪومت جي فريم ورڪ ۾ سمورا افغان غور هيٺ آهن ۽ چونڊيل افغان شخصيتن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ اقتدار جو خال آهي ۽ اتي ڪنهن به قسم جي اليڪشن جو وقت ناهي جڏهن ملڪ ۾ ڪو آئين ناهي ان ڪري نئون آئين تيار ڪري منظور ڪيو ويندو، پهرين هڪ جامع حڪومت ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو