اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال اسپيڪر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته آئين مطابق قانون سازي ڪئي وڃي. هن پارليامينٽ لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ”آئين جي معيار تي پورو لهندڙ ۽ ملڪ کي وڌيڪ امن، خوشحالي ۽ ترقي طرف وٺي وڃڻ لاءِ قانون سازي جو مسودو تيار ڪيو وڃي“. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي لکيل خط ۾ چيف جسٽس بنديال اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن ملڪ جي مستقبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ آئين جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو، جنهن ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي مقصدن جو تعين ڪرڻ ۽ پارليامينٽ کي قانون سازي جي طاقت جو اعليٰ ترين مرڪز قرار ڏنو. چيف جسٽس بنديال 10 اپريل تي قومي اسيمبلي هال ۾ منعقد ٿيندڙ گولڊن جوبلي تقريب ۾ عدالتي واعدن جي ڪري شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. تنهن هوندي، به هن پارليامينٽ کي پنهنجي دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ مشورو ڏنو ته قانون سازي آئين جي مقرر ڪيل معيار موجب ڪئي وڃي. جيئن اهو قوم لاءِ وڌيڪ پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته راهه هموار ڪري.










