آئين جي بالادستي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيون: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو آئين جي بالادستي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي صدر ڪاظم خان سان ملاقات ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون مقرر تاريخ کان اڳتي ٿيون ته قانون کي ختم ڪرڻ سمجهيو وڃي، اليڪشن جي تاريخ مافيا جي سياسي موت آهي.هن هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته مون کي مارڻ جي سازش ۾ راڻا ثناءُ الله جو اهم ڪردار آهي.باقي ٻن سازشين جا نالا اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهيان، ٽيئي منهنجي قتل جي جاچ کي سبوتاز ڪرڻ ۾ مددگار آهن، راڻا ثناءُ الله بزدل آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هو مارڻ جي ڌمڪين ۽ ارادن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندا، راڻا ثناءُ الله گهرو وزير نه پر دهشتگرد مافيا جو ميمبر آهي.هن چيو ته جيڪڏهن چونڊون مقرر تاريخ کان اڳتي ٿيون ته قانون کي ختم سمجهي، پي ٽي آءِ اميدوار 30 اپريل تي چونڊ مهم جاري رکن.هن وڌيڪ چيو ته هو آئين جي بالادستي لاءِ ڪنهن به قسم جي اي پي سي ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهن،پي ٽي ايم سياسي اتحاد نه پر چورن جو گروهه آهي، اليڪشن جي تاريخ مافيا جي سياسي موت آهي، سپريم ڪورٽ تي الزام هڻي ان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش مسلم ليگ ن جي پراڻي روايت آهي، اهي ئي آهن جن جا هٿياربند ٽولا آهن. سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو