آئل، گيهه، دالين ۽ ڳڙ جي قيمتن ۾ لاٿ، رپورٽ جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي موجب سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 32.73 سيڪڙو ٿي وئي. مهانگائي جي شرح ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو جڏهن ته ماهوار بنياد تي ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 14 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته 12 شين جي قيمتن گهٽتائي ٿي ۽ 25 عام واهپي جي ضروري شين جون قيمتون مستحڪم رهيون. هڪ هفتي دوران مڱن جي دال، پٽاٽا، ٿوم ۽ گوشت سميت ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿيون. آنن جي قيمتن ۾ 1.32 سيڪڙو، گيس جي قيمتن ۾ 15.52 سيڪڙو، بصر جي قيمتن ۾ 2.87 سيڪڙو، پٽاٽن جي قيمتن ۾ 0.68 سيڪڙو، مڱن جي دال جي قيمت ۾ 0.27 سيڪڙو ۽ گوشت جي قيمت ۾ 0.32 سيڪڙو اضافو ٿيو.شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران ماش جي دال جي قيمتن ۾ 0.97 سيڪڙو، ايل پي جي قيمتن ۾ 0.85 سيڪڙو، ٽماٽن جي قيمتن ۾ 11.48 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. ان کان علاوه ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ 0.44 سيڪڙو، سادي ماني جي قيمتن ۾ 0.35 سيڪڙو، ويجيٽيبل گيهه جي قيمتن ۾ 0.22 سيڪڙو، ڳڙ جي قيمت ۾ 0.33 سيڪڙو ۽ مسور جي دال جي قيمتن ۾ 0.21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو