آءِ جي سنڌ کي هٽايو، گورنر، ڪا ضرورت ناهي،مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران خان اسماعيل آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي معاملا ٿي رهيا آهن، اُن سان متحده لنڊن جي سربراهه جو دور ياد اچي رهيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر چيو آهي ته  سنڌ پوليس به متحده لنڊن جي غندن جهڙو رويو رکيو آهي، آءِ جي سنڌ ناڪام ٿي ويو ۽ سياسي ڌُر بڻجي ويو آهي، هن چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ پوليس جي مامرن جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي، پوليس کي اُن حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ وٽ آخري موقعو آهي ته پوليس جي مامرن کي سڌو ڪري. هن وڌيڪ چيو آهي ته صوبي ۽ هن شهر ۾ جنگل جو قانون هلي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان سان اڄ صبح ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هاڻي پاڻي مٿي کان چڙهي ويو، مان وزيراعظم کي خط به لکي آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي.ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب گورنر کي جواب ڏيندي چيو ته آءِ جي سنڌ جي باري ۾ گورنر عمران اسماعيل جي بيان جي ڪابه اهميت نه آهي، آءِ جي کي هٽائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، گورنر ميڊيا تي اچڻ لاءِ اهڙي قسم جا بيان ڏيندو آهي، هن گورنر ۽ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ ملير ۾ چونڊن دوران هٿياربند وٺي ويو ۽ فائرنگ ڪئي، ملير پوليس ڪنهن جي به لاڏلي کي نه ڏٺو ۽ غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو ڪم ڪيو، جيڪي اڳواڻ اين آءِ سي وي ڊي خلاف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندا هئا، اُهي ئي اين آءِ سي وي ڊي ۾ پنهنجي علاج لاءِ درخواست ڏئي رهيا آهن، اختلافن باوجود حليم عادل شيخ کي علاج لاءِ جيل مان اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، سنڌ حڪومت جي ترجمان حليم عادل شيخ کي قتل ڪرڻ بابت سازش جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو