ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ بابت قانونسازي خلاف داخل درخواستن جي ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور بااختيار بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ بابت قانونسازي خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت آءِ جي سنڌ جا اختيار بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ حڪومت کي اي ڊي خواجه ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سنڌ حڪومت کي مقرري مدي کان اڳ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته 3 سال پورا ٿيڻ کان اڳ آءِ جي سنڌ کي عهدي تان نه هٽايو ويندو ۽ آءِ جي هر حال ۾ 3 سالن تائين پنهنجو مدو پورو ڪندو.عدالت پوليس ۾ سنڌ حڪومت جي مداخلت کي روڪي ڇڏيو ۽ نئين قانون موجب سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري جو اختيار ختم ڪيو ويو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جي لاءِ وڏي وزير سان مشاورت ڪري سگهجي ٿي. آءِ جي جي بدلي ضروري هجي ته سپريم ڪورٽ جي انيتا تراب واري ڪيس جي فيصلي موجب هجي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس جي لاءِ احتساب ڪميشن ٺاهي فوري طور تي ان کي فعال ڪيو وڃي. احتساب ڪميشن بنائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت قدم کڻي آزاد ۽ خودمختار ڪميشن ضلعي سطح تي پوليس خلاف شڪايتون ٻڌي فيصلو ڪرڻ جو پابند هوندو. عدالت چيو ته اها به حقيقت آهي ته بيورو ڪريسي پنهنجي مفادن جي لاءِ سياست جو حصو بڻجي ٿي. اهڙا بيورو ڪريٽس پاڻ کي سياستدانن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندا آهن ان جو مطلب اهو نه آهي ته سٺن آفيسرن جي لاءِ ڪا گنجائش نه آهي. اهڙين حالتن جي باوجود اسان بهتري جي اميد رکون ٿا.
