آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. پنهنجي بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال هن وقت ابتر آهي، صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ فوري طور انتظامي فيصلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، آءِ جي سنڌ پوليس لاءِ نالا 4 مارچ تي موڪليا هئا، 20هين تاريخ ٿي وئي پر وفاقي حڪومت آءِ جي کي مقرر نه ڪيو.سندس چوڻ هو ته غير ضروري دير سان امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو