آءِ جي سنڌ جي اغوا جي خلاف خارج درخواست چيلينج

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سينيئر صحافين ۽ انساني حقن جي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين آئي اي رحمان سميت عوام جي فلاح لاءِ ڪم ڪندڙ ن29 آڪٽوبر تي سنڌ پوليس جي سربراهه جي مبينا اغوا ۽ حراست خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست  خارج واري  رجسٽرار آفيس جي حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. درخواست  ۾ سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 19 آڪٽوبر تي سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل جي حراست ۽ فوجداري جاچ ۾ غير قانوني مداخلت بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ صوبائي خودمختياري تي سواليه بڻجي ويو .سينيئر وڪيل فيصل صديقي جي طرفان ڪرامت علي  ناظم فدا حسين  محمد جبران ناصر  مهناز رحمان  سليما هاشمي  زهرا بانو  محمد تحسين  ناصر عزيز  فرحت پروين  فهيم زمان خان ۽ انيس هارون درخواست داخل ڪئي. وزيراعظم  گهرو وزارت ۽ دفاع واري وزارت سان گڏ  پاڪستان رينجرز کي آءِ جي سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت کان روڪي. تازي اپيل ۾ سپريم ڪورٽ کي 29 آڪٽوبر واري رجسٽرار آفيس جي انتظامي حڪم کي معطل ڪري اصل حڪم کي برقرار رکڻ جي لاءِ چيو ويو آهي  اپيل ۾ چيو ويو آهي ته  سپريم ڪورٽ رولز  1980  جي رول7، آرڊر 25 جي  حڪم تحت  رجسٽرار آفيس ڪنهن به اپيل  درخواست يا درخواست کي ٻڌڻ لاءِ گهربل انتظامي ضرورتن بابت عدالت جي مشاهدي تي اعتراض ڪري سگهي ٿي. پنهنجي انتظامي حڪم ۾ رجسٽرار آفيس چيو هو ته درخواستگذارن انفرادي شڪايت کي حل ڪرڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي هئي جيڪا 1998 جي فيصلي جي شرتن ۾ جائز نه آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذارن ان درخواست  جي لاءِ قانون تحت انهن وٽ موجود ڪنهن ٻئي مناسب فورم سان رجوع نه ڪيو ۽ نه ڪرڻ جو ڪو جواز فراهم  ڪيو. سپريم ڪورٽ جي آفيس چيو ته آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت سپريم ڪورٽ جي دائرا اختيار جا تقاضا پورا نه ڪيا ويا جڏهن ته درخواست جي زبان غير واضح هئي ڇو ته ان جا مواد هڪ ٻئي سان متضاد هئا. اپيل ۾ چيو ويو  ته درخواست عوامي اهميت جو هڪ سنگين سوال تي مشتمل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ صوبي جي آءِ جي پي کي اغوا ۽ حراست سان آرٽيڪل 9 ۽ آرٽيڪل 14 تحت وقار ۽ جان جي آزادي جو حق حاصل هو. آرٽيڪل 10 جي تحت پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ بنيادي حقن جي ضمانت ناقابل عمل ٿي چڪي آهي. ان جو چوڻ آهي ته امن و امان کي برقرار رکڻ ۾ رياست جو اهم ڪردار  آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن سان گڏ امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آهي  پوليس جي خودمختياري سان ان جي سربراهه جي اغوا ۽ حراست جي سبب عدم تعصب ٿيو جنهن سبب رياست جا بنياد هن غير آئيني ۽ ناجائز عمل سان ڀرجي ويا.ياد رهي ته مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر 18 آڪٽوبر تي اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي ويو هو هن مزار قائد تي نعرا هنيا هئا۽ ان ڪيس ۾ هن کي صبح جو سوير هوٽل مان گرفتار ڪيو ويوهو گرفتاري جي ڪجهه دير کانپوءِ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير سان منسوب هڪ آڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن وڊيو ۾ آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا جي ڳالهه ڪئي وئي  هئي بعد ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو چيو هو ته آفيسر سوال پڇي رهيا آهن ته ڪير اهي ٻه ماڻهو هئا جيڪي آءِ جي سنڌ جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ صبح 4 وڳي ان  کي کڻي ويا.صوبائي پوليس جي ڪيترن اي آءِ جيز ، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز ساڳئي مسئلي تي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) کي موڪل جي درخواست پڻ جمع ڪرائي ڇڏي هئي. سڀني اعليٰ آفيسرن درخواستن چيو هو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي خلاف ڪيس جي رجسٽريشن غير مناسب طريقي سان ٿي۽ ڪم ۾ مداخلت ڪئي وئي  پوليس کي ذلت برداشت ڪرڻي پئي جنهن ڪري پوليس آفيسرن جي دل ڏکي آهي. هنن  پنهنجي موڪل جي درخواستن ۾ چيو هو  ته دٻاءُ جي هن ماحول ۾ فرض سرانجام ڏيڻ مشڪل آهي ۽ انهي دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ مو ڪل جي درخواست ڏنيآهي. بعد ۾ بلاول ڀٽو جي اپيل تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ڪور ڪمانڊر کي ان جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي پوليس آفيسرن موڪلن جون درخواستون ملتوي ڪري ڇڏيون هيون. ٻئي طرف سنڌ حڪومت معاملي جي جاچ لاءِ وزيرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي هئي جيڪا 30 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو