اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ اسٽريٽيجي تيار ڪري ورتي.ذريعن موجب 727 ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي جي اسٽريٽيجي تيار ڪئي وئي آهي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ ۾ سستي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪمت عملي تحت پهرين 6 مهينن ۾ رڳو 151 ارب رپيا خرچ ٿيندا.ذريعن موجب ترقياتي بجيٽ ۾ 350 ارب رپين تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جنهن سان مختلف وزارتن جا ڪيترائي منصوبا متاثر ٿي سگهن ٿا، جن ۾ صحت، تعليم، هائوسنگ، خوراڪ ۽ موسمياتي تبديلي بابت منصوبا شامل آهن.
