آءِ ايم ايف کي خط لکڻ نوَ مئي کان وڏو سانحو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) کي خط لکڻ نوَ مئي کان وڏو سانحو آهي، سياسي جماعت جو خط ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي معاشي مفادن تي حملو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته آءِ ايم ايف سندن ڳالهه مڃي ته لکين خاندان فاقا ڪشي تي مجبور ٿي ويندا، ڪجهه شر پسند عنصر عدم استحڪام چاهين ٿا. پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان آءِ ايم ايف کي خط لکڻ بابت سندس چوڻ هوته هڪ سياسي جماعت آءِ ايم ايف کي لکي رهي آهي، جيڪا جماعت پرڏيهي مداخلت نامنظور چوندي هئي اڄ اِها ئي خط لکي رهي آهي. هن چيو ته ڪو به محب وطن آءِ ايم ايف کي خط نٿو لکي سگهي، آءِ ايم ايف جي خط آڏو نوَ مئي وارا واقعا معمولي شيءِ آهن. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هوته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذن جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو