آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر ملي ويا، روپئي جي قدر ۾ بهتري

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) آءِ ايم ايف 6 ارب ڊالرز جي معاشي پيڪيج هيٺ پاڪستان کي 99ڪروڙ 14 لک ڊالرز جي پهرين قسط ڏئي ڇڏي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان رقم ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ سندس چوڻ آهي ته ان سان پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويندا ۽ ڊالر تي دٻاءُ به گهٽبو. جنهن سببب روپئي جي ملهه ۾ اضافو متوقع آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف گذريل هفتي 39 مهينن ۾ پاڪستان کي 6 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو