اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو پروگرام نه هجي ها ته اسان وٽ پلان هو ته ڪيئن اڳتي وڌون.سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو وقت تي مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ 2 کان 3 مهينن تائين ادائيگين جا بندوبست ڪري رهيا آهيون.اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب، يو اي اي ۽ چين مڪمل مالي مدد ڪئي، پاڪستان سموريون پرڏيهي ادائيگيون وقت تي ڪيون آهن. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جون چين کي 2.3 بلين ڊالر جي ادائيگي جون مهيني ۾ التوا هئي، پوءِ چين ان ادائيگي کي رول اوور ڪيو. چين کي فيبروري ۾ معلوم ٿيو هو ته پاڪستان سموريون گهرجون پوريون ڪري چڪو آهي، ان ڪري هن پنهنجي بئنڪن کي گرين سگنل ڏنو. هن چيو ته دنيا چاهي ٿي ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري ۽ تماشو بڻائي، اسان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالرن تائين پهچڻ وارا آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ذخيرن کي 15 ارب ڊالرن تائين پهچايون. سينيٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اڳوڻي وزير جي بيان سبب پي آءِ اي کي گرائونڊ ڪيو ويو، جنهن سبب اسان کي 71 ارب رپين جو نقصان ٿيو. اسحاق ڊار چيو ته آڪٽوبر تائين اسان جون برطانيا جون اڏامون بحال ٿي وينديون، ان لاءِ قانون سازي ضروري هئي جيڪا ڪئي وئي. سينيٽ اجلاس ۾ اسحاق ڊار اهو به چيو ته اسان جي هڪ ساٿي قرآن جي حرمت لاءِ گڏيل ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سخت قرارداد پيش ڪئي وڃي ته جيئن ردعمل سامهون اچي سگهي.
